عمران خان کي غيرقانوني طور قيد ڪيو ويو آهي، يو اين گروپ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي انساني حقن واري ورڪنگ گروپ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي قيد ۾ رکڻ واري فيصلي کي من ماني ۽ عالمي قانونن جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي گرفتاري خلاف زلفي بخاري پاران گڏيل قومن ۾ داخل درخواست تي گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي قانوني راءِ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ عمران خان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پنج رڪني گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ورڪنگ گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي گرفتاري جو ڪو به قانوني جواز ناهي، هن کي سياسي بنيادن تي قيد ڪيو ويو آهي، ظاهري طور ان جو مقصد کيس نااهل قرار ڏيڻ آهي. رپورٽ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ورڪنگ گروپ کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ پي ٽي آءِ باني جي جيل جي حالتن جي آزاداڻي جاچ ڪئي وڃي. ورڪنگ گروپ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، وڪيلن کان جرح جو حق کسي ورتو ويو ۽ سرڪاري وڪيلن کي ڏنو ويو. ورڪنگ گروپ جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي موقف ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو پر ڪو به جواب نه مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو