عمران خان چيو ته ڊونلڊ لو خلاف آمريڪا ۾ ڪيس داخل ڪندس

راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل ۾ قيد سندس ڀاءُ کيس ٻڌايو ته آمريڪي سفارتخاني سازش ۾ مڪمل طور ملوث آهي.اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت تمام سٺي آهي. هن چيو ته هڪ سٺو معمول آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين پاران کاڌي پيتي جي ڪا به شڪايت ناهي ڪئي وئي.عليما خان چيو ته سائوٿ ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر حاصل ڪيو ويو آهي، اهڙيون شقون لڳايون ويون آهن جن تي کيس موت ۽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي، ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن لاءِ اهي شقون آهن. راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، عمران خان کي پاڪستان ۾ انصاف ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو