عمران خان فرعون هو، ملڪ جو بادشاهه بڻجڻ پئي چاهيو: خٽڪ

مانسهره(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني ميمبر پرويز خٽڪ عمران خان کي فرعون قرار ڏئي ڇڏيو.مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته وفاق ۽ صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي پر بدقسمتي سان نئون پاڪستان نه ٺاهي سگهيا، تحريڪ انصاف ساڍي ٽن سالن ۾ ملڪ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خواهش آهي ته سڄي ملڪ جو حڪمران ۽ بادشاهه رهي.هن کي ڪجهه ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو، هو فرعون هو، چوندو هو ته جيڪو وڃڻ چاهي، مون کي پرواه ناهي. پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي سربراهه چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت منهنجي ذاتي ڪوششن سان ٺهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو ڪي پي حڪومت ۾ ڪو به ڪريڊٽ ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين مون سان ڪيترائي واعدا ڪيا پر وفا ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو