عمران خان اسان جو چڱو ڀلو گهر برباد ڪري ڇڏيو: مانيڪا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته عمران خان پيري مريدي جي آڙ ۾ اسان جو چڱو ڀلو گهر برباد ڪري ڇڏيو.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاور مانيڪا چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن دوران بشريٰ جي ڀيڻ مريم، بشريٰ جي ملاقات عمران خان سان ڪرائي، اسان جي شادي 28 سال هلي، اسان جي زندگي ڏاڍي خوشگوار هئي، عمران خان پيري مريدي جي آڙ ۾ اسان جو چڱو ڀلو گهر برباد ڪري ڇڏيو.هن چيو ته اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ملاقاتون شروع ٿيون، رات جي وقت ٻنهي جون فون تي ڊگهيون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، فرح گوگي عمران خان کي چوڻ تي کيس ڳجهو فون نمبر فراهم ڪيو، منهنجي ماءُ چوندي هئي ته عمران خان سٺو ماڻهو ناهي، ان کي گهر ۾ نه اچڻ ڏيو. سندس موجب بني گالا ۾ منهنجو پنهنجو گهر هو، بشريٰ مون کي ٻڌائڻ بنا اتان عمران خان جي گهر هلي ويندي هئي، عمران خان منهنجي مرضيٰ بنا منهنجي گهر ايندو هو، مان عمران خان جي پنڪي سان ملاقاتن تي ناراض هيس. خاور مانيڪا چيو ته هڪ ڀيري عمران خان منهنجي گهر آيو ته مان نوڪر جي مدد سان ان کي گهران ڪڍرائي ڇڏيو، مان پنڪي کي طلاق 14 نومبر 2017 ۾ ڏني، ان جي ڏيڍ مهيني کانپوءِ پنڪي عمران خان سان شادي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو