اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته علي نواز جي جبري گمشدگي شرمناڪ سلسلي جي ڪڙي آهي. علي نواز اعواڻ کي قانوني ضابطن موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته چيف جسٽس کي نگران حڪومت کان ان لاقانونيت تي جواب طلب ڪرڻ گهرجي.پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جبري گم ڪرڻ پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي سازش آهي.هن اهو به چيو ته گم ٿيل اڳواڻن جي اوچتو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ بيانن جي ڪا به حيثيت ناهي.
