اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ پنهنجو پارلياماني ليڊر تبديل ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ اعظم سواتي بدران قانوندان علي ظفر کي پنهنجو پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ علي ظفر کي پارلياماني ليڊر مقرر ڪرڻ جو سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف طرفان سينيٽر وسيم شهزاد سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر آهي.
