لاهور (ويب ڊيسڪ) شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو 146 هون جنم ڏهاڙو اڄ سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي.شاعر مشرق جي سالگرهه جي موقعي تي مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ بحريه جي دستا مزار اقبال تي گارڊز جا فرض سنڀاليا.تقريب ۾ اسٽيشن ڪمانڊر نيوي ڪموڊور ساجد حسين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، هن مزار اقبال تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.ان کان علاوه اسٽيشن ڪمانڊر پاڪ نيوي لاهور ڪموڊور ساجد حسين پڻ مهمانن جي ڪتاب ۾ رايا رڪارڊ ڪيا.
