اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو مامري تي حڪومت کي غير ضروري بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلڀوشن ياديو کي سرڪاري وڪيل جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته حڪومت ڪلڀوشن مامري تي ڀارتي سرڪار کي ٻيهر وڪيل ڪرڻ جي آڇ ڪري، عدالت فيئر ٽرائل کي يقيني بڻائيندي، اٽارني جنرل چيو ته ڀارت تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي نه پيو ڏئي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪلڀوشن ياديو کي به وڪيل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪلڀوشن مامري تي آرڊيننس ڇو آندو ۽ نظرثاني درخواست ڇو داخل ڪرائي آهي؟، اٽارني جنرل چيو ته ڀارت تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي نه پيو ڏئي، عالمي عدالت ڪلڀوشن جي آزادي بابت ڀارتي حڪومت جي پاڪستان جلد بازي ۾ ڪوبه قدم نٿو کڻڻ گهري، حڪومت ان لاءِ ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته 7جون تي ڪلڀوشن قونصلر رسائي کان معذرت ڪئي، ڀارتي جاسوس پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پاران ڀارت کي ٻيهر وڪيل ڪرڻ جي آڇ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
