جوا جو اڏو بند نه ٿيڻ تي نوجوان جي پاڻ کي باهه

شهدادڪوٽ (ن س) شھدادڪوٽ ۾ مبينا جوا جو اڏو بند نه ٿيڻ تي هڪ نوجوان احتجاجي طور عدالتي احاطي ٻاهران پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. نوجوان طرفان انتهائي قدم کڻڻ پر ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن کيس فوري طور تي باھه وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو ۽ نوجوان کي اسپتال پهچايو ويو. اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي زخمي نوجوان ساجد بروهي ٻڌايو ته اسان جي شمبوزئي پاڙي ۾ جوا جو اڏو هلندو آهي، جنهن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيترا ڀيرا دانهيو آهي پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ جوا خلاف عدالت سڳوري ۾ به درخواست ڏني آهي پر پوءِ به جوا بند نه ٿي آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته جوا هلڻ جي ڪري پاڙي جا نوجوان توڙي معصوم ٻار سماجي برائين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، فوري طور تي جوا بند ڪرائي نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد صديق کهاوڙ صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان جو 50 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي، کيس طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو