لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪيترن ڏينهن تائين چونڊن تي اثرانداز نه ٿيندو ۽ سندس چوڻ هو ته چونڊون 11 فيبروري تائين ٿي سگهن ٿيون.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پنجاب جي نگران وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي ته هو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪري، ان کي واپس ورتو وڃي. هاڻي لارجر بينچ فيصلو ڪندي ۽ ان جي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن اليڪشن شيڊول کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪندي، لارجر بينچ جي فيصلي کانپوءِ ئي شيڊول جاري ڪيو ويندو.اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن خدمتون ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن بيوروڪريسي کان خدمتون ورتيون، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ايڪٽ تحت انتظاميه يا عدليه کان آفيسر وٺي سگهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هن انتظاميه کان آفيسر ورتا.










