عدالتي فيصلي جي آجيان، ضمانت نوازشريف جو بنيادي حق آهي

عدالتي فيصلي جي آجيان، ضمانت نوازشريف جو بنيادي حق آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ضمانت نوازشريف جو بنيادي حق آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان نوازشريف جي حفاظتي ضمانت جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته چونڊيل وزيراعظم نوازشريف کي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو آهي. کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ ان سان ناروا سلوڪ ڪيو ويو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪنهن به منصفاڻي ٻڌڻي سان نوازشريف جي بي گناهي ثابت ٿي وڃي ها، ضمانت هڪ بنيادي حق آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. اميد ڪريون ٿا ته انصاف ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو