عدالتي فيصلي جو نواز شريف جي واپسي سان تعلق ناهي:شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪيس جو فيصلو اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ڏنو، سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو نواز شريف جي وطن واپسي سان ڪو به تعلق ناهي. شهباز شريف چيو ته انشاءَ الله نواز شريف واپس اچي قانون کي منهن ڏيندو، تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نگران وزيراعظم جو فيصلو اڄ رات يا سڀاڻي ٿي ويندو، خط لکي صدر کي ڪهڙي جلدي آهي؟ خط لکڻ کان اڳ صدر کي آئين پڙهڻ گهرجي ها، مون وٽ وزيراعظم جي حيثيت ۾ پورا 8 ڏينهن آهن، صدر کي آئين پڙهڻ گهرجي، نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزيراعظم آهيان.شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته اليڪشن ڪميشن معاملي کي ڏسندي.

پهنجو تبصرو موڪليو