بلوچ لانگ مارچ، 250 ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن، پوليس ترجمان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پوليس ترجمان ايڪس تي رات ساڍي ڏهين وڳي جاري ڪيل بيان ۾ ڄانايو آهي ته پاڪستان جي نگران وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جي هدايتن تي ٽن ڏينهن ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهن کي قانوني حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي. وزيراعظم پاڪستان پاران جوڙيل ڪميٽي جي هدايتن تي عمل ڪيو پيو وڃي. عدالتي حڪم تي جن 163 ماڻهن کي ضمانت ڏني وئي، انهن مان اڪثر پنهنجن پيارن سان گڏ هليا ويا آهن. عوام کي گذارش آهي ته ڪنهن به غير قانوني سرگرمي جو حصو نه بڻجن.

وان کان اڳ شام تائين پوليس جو موقف اهو هو ته گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو پيو وڃي. بلوچ ڌرڻي وارن جو چوڻ هو ته فاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن بعد به بلوچ لانگ مارچ جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ناهي ڪيو ويو. بلوچ لانگ مارچ جي اڳواڻ مَهرنگ بلوچ آچر تي شام 6 وڳي لڳ ڀڳ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسانجا ساٿي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۽ اٽڪ جيل ٻاهران موجود آهن پر اسانجي ساٿين کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي ۽ اسلام آباد پوليس ڪوڙا بيان جاري ڪري رهي آهي.


هوڏانهن اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل ڪميٽي جي ڳالهين ۽ عدالتي حڪم مطابق ضمانت منظور ڪرڻ واري حڪم تي عمل ڪيو پيو وڃي. گرفتار ڪارڪن جي آزادي لاءِ هيلپ ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي نگراني ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ايس ايس پي آپريشن ڪري رهيا آهن، ڪارڪنن کي آزاد ڪيو پيو وڃي.


مهرنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته 250 گرفتار شاگريدن مان 100 کان مٿي اهڙا آهن جيڪي لاپتا آهن ۽ انهن بابت ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو