روهڙي(رپورٽر)عدالتي حڪمن باوجود انتظاميا ڪتا مار مھم ۾ بري طرح ناڪام شهر جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ ڪتن جي ڀرمار سان شهري خاص ڪري عورتون ۽ ٻار پريشان ڪاروباري مرڪزن سميت مين رستن تي ڪتن جو گهڻي تعداد ۾ هجڻ شهرين لاءِ خوف جو سبب بڻيل رهواسين جو علي واهڻ ۾ ڪتا مار مھم شروع ڪرائڻ جو مطالبو. عدالتي حڪمن ۽ ڪيترائي ڀيرا ميونسپل آفيسرن تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود روهڙي شهر ۽ ان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تعلقه انتظاميا ڪتا مار مھم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ٻئي پاسي تعلقي انتظاميا روهڙي جي عدم دلچسپي ۽ نااهلي سبب روهڙي جي ويجهو علائقي علي واهڻ ۾ ڪتا مار مھم شروع نه ٿي سگهي جنهن ڪري علي واهڻ جي ڪيترن ئي ڳتيل آبادي وارن علائقن جي گهٽين پاڙن اسڪولن چوواٽن راند جي ميدانن ڪاروباري مرڪزن ۽ علي واهڻ جي مين روڊ تي رولو ڪتن جا ڪٽڪ نظر اچي رهيا آهن آهن درجنن جي تعداد ۾ ڪتن جي موجودگي سبب نه رڳو علي واهڻ ۾ ڪاروباري طبقو پريشان آهي پر رهائشي علائقن ۾ به ڪتن جي موجودگي سان رهواسين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته علي واهڻ جي مين روڊ تي ڪتن جي گهڻي تعداد ۾ هجڻ سبب ۽ گاڏين موٽر سائيڪل سوارن مٿان ڪتن جي اوچتو حملي سبب ڪنهن به وقت موٽر سائيڪل سوارن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪنهن به وقت حادثي ٿيڻ جو امڪان آهي ان سلسلي ۾ علي واهڻ جي شهرين تعلقه انتظاميا روهڙي کان مطالبو ڪيو ته علي واهڻ ۾ عملي طرح ڪتا مار مھم شروع ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شهري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.










