عالم دين محمود ڀٽو فوت، جنازي ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت ۽ تعزيت

گهوٽڪي (ن س) اتر سنڌ جو مشهور ديني عالم ۽ سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو جو والد مولوي محمود ڀٽو ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد 72 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جناز نماز مومل جي ماڙي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمن، سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاڏاڻي جي خبر پوندي مومل جي ماڙي شهرسوڳ ۾ بند ٿي ويو. مرحوم زندگي جا 50 سال ديني خدمتن ۾ گذاريا. هن سوين شاگرد پڻ پيدا ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو