عالمي برادري کي پاڪستان جي قربانين جو احساس ڪرڻ گهرجي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته عالمي برادري کي پاڪستان جي لازوال قربانين جو احساس ڪرڻ گهرجي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي هڪ گروپ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب هارورڊ يونيورسٽي گروپ ۾ 9 ملڪن جا 38 شاگرد شامل هئا.ان موقعي تي آرمي چيف علائقائي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار تي روشني وڌي.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.آرمي چيف شاگردن کي چيو ته هو پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجن تجربن جي بنياد تي حقيقي پاڪستان جو مشاهدو ڪن.آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ڊيموگرافڪ حقيقتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب شاگردن تعميري ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي آرمي چيف جي واکاڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو