ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي دنيا جيان پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ يوم عاشور (10 محرم) جي حوالي سان سڪيورٽي جي سخت انتظامن هيٺ ماتمي جلوس جاري آهن. ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي. ٿڌي پاڻي، ملڪ شيڪ ۽ شربت جون سبيلون قائم ڪيون ويون آهن ۽ عزادارن تي پاڻي جا ڦوهارا به ڪيا پيا وڃن. ڪربلا ۾ هن سال هڪ لک پاڪستاني عزادار شريڪ ٿي رهيا آهن. يوم عاشور هر سال 10 محرم تي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. ريڊيو پاڪستان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ظلم خلاف بيهڻ مسلمانن جو اخلاقي فرض آهي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته امام حسين جي قرباني اسان کي غير متزلزل ايمان، صداقت ۽ انصاف جو انمول سبق سيکاري ٿي. وزيراعظم عوام تي زور ڀريو ته هو ان واقعي مان سبق وٺن ”انهن چئلينجن ۽ آزمائشن کي منهن ڏيڻ لاءِ جن کي اسان جي قوم ۽ پوري امت مسلمه (ڪميونٽي) اڄ منهن ڏئي رهي آهي. ان دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته امام حسين جي ساٿين ”اسان کي وفاداري، صداقت ۽ سچ ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي حمايت ڪرڻ جو درس ڏنو“.
صدر مملکت ڈاکٹر عارف علوی کا یوم عاشورہ 10 محرم الحرام 1445ھ کے موقع پر پیغام#یوم_عاشور #10محرم pic.twitter.com/pvE9HLMdw8
— The President of Pakistan (@PresOfPakistan) July 29, 2023
پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ان موقعي تي ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪيو آهي.
یہی کرشمہ ہے سچ کا
یہی کرامت ہے کربلا کی،
شہید کر کے یزید فانی
شہید ہو کر حسین باقی۔ pic.twitter.com/c8af3Bk6qA— PPP Digital (@PPPDigital_) July 29, 2023