عابدي قتل ڪيس ۾ مفرورن جا وارنٽ جاري ،شوٽر آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جوابدارن جي وڪيلن جي غير حاضري سبب 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي سمورن وڪيلن کي پنهنجي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار فاروق، غزالي، ابوبڪر ۽ عبدالحسيب عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جوابدار جي وڪيلن پاران حاضر نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيل پنهنجي حاضري يقيني بڻائين. عدالت ڪيس ۾ مفرور چئن دهشتگردن کي اشتهاري قرار ڏيندي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا  آهن، مفرور جوابدارن ۾ حسنين، بلال، غلام مصطفيٰ عرف ڪالي چرن ۽ فيضان شامل آهن. پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي قتل لاءِ 8 لک رپيا ڏنا ويا هئا، حسيني بلڊ بئنڪ ويجهو هڪ نامعلوم شخص جوابدارن کي رقم ادا ڪئي. جوابدار علي رضا کي قتل ڪرڻ بعد قتل ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل کي پڻ ساڙي ڇڏيو. علي رضا عابدي کي 25 ڊسمبر تي سندس گهر ويجهو قتل ڪيو ويو هو.*** دهشتگردي ٽوڙ  عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي نقيب الله جي والد درخواستگذار محمد خان جي فوت ٿيڻ سبب سندس بيان ويڊيو لنڪ ذريعي قلمبند ڪرڻ واري درخواست کي غير مو ثر قرار ڏئي اڪلائي ڇڏيو. وڌيڪ ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار احمد ۽ ٻيا جوابدار طور ملوث آهن. *** دهشتگردي جي انت واري عدالت ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار رحمان شوٽر کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار رحمان شوٽر جي وڪيل عابد زمان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته رحمان عرف شوٽر تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن. استغاثه پاران پيش ڪيل گواهن جي بيان ۾ به تضاد آهي. جوابدار خلاف غير قانوني هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ ٻين قلمن تحت  2019ع ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو