ضمني چونڊن ۾ ڪامياب اسيمبلي ميمبرن کي مبارڪباد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي نون چونڊيل ميمبرن جو کٽڻ عوام طرفان ڀروسي جو اظهار آهي. ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) کي ووٽ ڏيندڙ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين پوري ديانتداري ۽ محنت سان انهن جي ڀروسي تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. معاشي بهتري جي چٽن آثارن سان گڏ عوامي راءِ ۾ تبديلي به نمايان ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اميدوارن جي ڪاميابي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي لاڳاپن جي بهتري جي حڪومتي خدمت جو عوامي اعتراف آهي. هن چيو ته معاشي بهتري ۽ عوامي ريليف ۾ اضافي سان ايندڙ وقت ۾ عوامي راءِ مزيد تبديل ٿيندي. عالمي مالياتي ادارن، خبرون ڏيندڙ ادارن ۽ سرويز ۾ معاشي بهتري جي اڳڪٿين به عوام جي راءِ تي بهتر اثر وڌو آهي. 8 فيبروري کان پوءِ اپوزيشن جي غير سياسي روين ۽ انهن جي حامين به عوام کي بددل ۽ مايوس ڪيو آهي.هن چيو ته کٽڻ يا هارائڻ چونڊ عمل جو حصو آهي. الزامن جي بجاءِ سياسي تعاون جو رستو اختيار ڪرڻ ئي جمهوري رويو آهي. چونڊ عمل ۾ خامين ۽ اعتراضن کي گڏيل تعاون ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه سان ئي پري ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو