ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽيڪس جي ٺيڪي ۾ مبينه ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڪراچي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد، حاڪم علي جسڪاڻي ۽ ٻين جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي . عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين جوابدارن ٽيڪس جي مد ۾ اربين رپين جي خرد برد ڪئي آهي. جوابدارن کير ڏيندڙ جانورن جي سالياني ٽيڪس وصولي جي ٺيڪي جي اوٽ ۾ قرباني جي موقعي تي ايندڙ جانورن تي ڪروڙين روپيا غير قانوني ٽيڪس وصول ڪيو. ٽيڪس وصولي وارو ٺيڪو ئي غير قانوني طور تي نيلام ڪيو ويو هو. چالان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ملي ڀڳت سان ٽينڊر آڪشن ڪرڻ جي جعلي ڪارروائي ڏيکاري گهر ويٺي ٺيڪو جاري ڪيو ويو، اهو ٺيڪو هڪ ئي ٺيڪيدار حاڪم جسڪاڻي کي مختلف نالن سان جاري ٿيندو رهيو. مالي سال 13-2012ع ۾ اهو ٺيڪو ان وقت جي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي طرفان 11 ڪروڙ رپين ۾ جاري ڪيو ويو، سال 2013ع ۾ ضلعي ڪائونسل جي بحالي بعد ڄاڻايل ٽيڪس وصولي جي ٺيڪي تي ضلعي ڪائونسل ڪراچي غير قانوني طور قابض ٿي وئي. چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 14-2013ع ۾ اهو ئي ٺيڪو ضلعي ڪائونسل ڪراچي صرف سوا 3 ڪروڙ رپين ۾ جاري ڪيو، اهو ٽيڪس صرف ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ قائم واڙن ۾ موجود کير ڏيندڙ جانورن جي مالڪن کان وصول ڪيو ويندو هو. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين ۽ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري ٺيڪيدار کي شهر جي داخلي رستن تي چنگيون قائم ڪرايون ويون ٺيڪيدار شهر ۾ داخل ٿيندڙ سمورن جانورن جو ٽيڪس وصول ڪندا رهيا. مالي سال 20-2019ع جو ٺيڪو صرف 8 ڪروڙ 75 لک رپين ۾ جاري ڪيو ويو ۽ ٽيڪس وصولي سوا ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي.
