صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن.سنڌ جي آبپاشي وزير صوبي کي پاڻي جي فراهمي بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ آهي ته نارا ۽ روهڙي ڪئنال مان 7 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ ۾ فصلن جي پيداوار لاءِ پاڻي جي کوٽ نه ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي آبپاشي واري وزير چيو آهي ته سنڌ جي ٻين واهن ۾ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، روٽيشن پروگرام تحت فصلن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ايل بي او ڊي ڍورو پران، هاڪڙو ڊرين مان برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ الڳ اسڪيم ٺاهي رهي آهي، ان اسڪيم تحت آر ڊي 210 تي وڏو گيٽ لڳايو ويندو.سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو اهو به چيو ته ايل بي او ڊي، ڍورو پراڻ، هاڪڙو ڊرين جي رپورٽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کان گهرائي وئي آهي، ڊي سي ميرپور خاص کي گهرجي ته هو ڍورو ۽ پراڻن جي نالن تان حددخليون هٽائي.

پهنجو تبصرو موڪليو