صوبي جي مائننگ سيڪٽر ۾ روينيو ڪليڪشن وڌائڻ جي ضرورت آهي، شاھه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ترقي، معدنيات ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿي گذريو، صوبائي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ ۾ مائننگ سائيٽس جي بيس لائين سروي، نون سائيٽن جي نشاندهي، غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ الڳ عدالتون قائم ڪرڻ جي سفارش بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اربع ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل آفيس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ سنڌ طاهر حسين سانگي، ڊائريڪٽر جنرل مائنز اينڊ منرل سنڌ ذوالفقارخشڪ، کان علاوه ڊائريڪٽرن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هن وقت 27 قسمن جي معدنيات جي کوٽائي ٿي رهي آهي. جنهن مان مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان علاوه ڪجھ معدنيات برآمد به ڪيو وڃي ٿو. معدنيات جي کوٽائي مان مالي سال2023-22 ۾ 1702.89 ملين آمدني ٿي، جڏهن ته مالي سال 24-2023ع ۾ 1804.43 ملين رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا. تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته ليز جي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ خاص طور تي مائننگ سائيٽس جي مانيٽرنگ سسٽم کي سڌاريو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اتان نڪرندڙ معدنيات جي درجه بندي جي حوالي سان نون ماڳن جي ڳولا به ضروري آهي. هن چيو ته صوبي جي مالي وسيلن کي وڌائڻ تمام ضروري آهي ته جيئن آمدني صوبي جي عوام تي خرچ ٿي سگهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته صرف رجسٽرڊ مائننگ ايسوسيئشنز سان رابطو رکيو وڃي ته جيئن هر معاملي تي قانون تحت مشاورت ٿي سگهي. سنڌ جي معدنيات واري ترقي جي وزير چيو ته کاتي سان لاڳاپيل عدالتي ڪيسن کي التوا کان بچائڻ لاءِ مائنز اينڊ منرلز جي الڳ عدالت قائم ڪرڻ ضروري آهي. ان ڏس ۾ سفارش جي لاءِ وڏي وزير سامهون اهو معاملو بحث هيٺ آندو ويندو. صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بيس لائين سروي، معدنيات جي ويليو گريڊنگ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس ۾ ميوزيم قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊپارٽمينٽ جي ليبارٽري قائم ڪرڻ لاءِ به رٿابندي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي معدنيات جي مارڪيٽ يوٽيلٽي پيدا ڪرڻي پوندي، ان لاءِ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ فيڪٽرين، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جو به سهڪار وٺڻ گهرجي. سيد سردار علي شاهه چيو ته مائننگ جي هر معاملي ۾ عوام جي خدشن کي نظر ۾ رکيو وڃي، جڏهن ته مائننگ وارن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي صحت ۽ سيفٽي جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان بعد صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڊائريڪٽر جنرل آفيس جو دورو ڪيو ۽ آفيس جي رپيئر اينڊ ميمٽيننس جي حوالي سان هدايتون پڻ ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو