صوابي ۾ ڀيڻ جي مڱڻي تان ناراض ڀاءُ جي فائرنگ، 3 ڀينرون قتل

صوابي: (ويب ڊيسڪ) صوابي ۾ ڀيڻ جي مڱڻي تان ناراض ٿيل ڀاءُ فائرنگ ڪري پنهنجي 3 سڳين ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته گهر ۾ موجود ٻين 2 ڀينرن لڪي پنهنجي حياتي بچائي.پوليس موجب پنهنجي 3 سڳين ڀينرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعو صوابي ۾ زيده ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي ڀاءُ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري پنهنجي 3 جوان ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو.شروعاتي رپورٽ موجب مقتول ڇوڪرين جون عمرون 18 کان 24 سال جي وچ ۾ هيون، جڏهن ته گهر ۾ موجود ٻين 2 ڀينرن لڪي پنهنجي حياتي بچائي، پوليس موجب هڪ ڀيڻ جي تازو ئي مڱڻي ٿي هئي جنهن تي جوابدار ڪاوڙيل هئو، جڏهن ته ان جي والده فوت ٿي چڪي آهي ۽ والد گڏ ئي رهندو آهي، مقتول ڀينرن جو هڪ ڀاءُ دبئي ۾ رهندو آهي.واقعي کان پوءِ ٽنهي ڇوڪرين جا لاش باچا خان اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون جمع ڪرڻ سان گڏ قاتلن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي گورنر صوابي ۾ ٽنهي ڀينرن جي ڇرڪائيندڙ قتل تي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڀاءُ هٿان ڀينرن جو قتل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. معاشري کي تشدد کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو