صمصام بخاري پاران تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ صمصام بخاري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ صمصام بخاري 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هر محب وطن پاڪستاني وانگر مان به 9 مئي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.هن چيو ته هو تشدد جي سياست تي ڪڏهن به يقين نه رکندا ۽ نه ئي اهو ڪو طريقو آهي.صمصام بخاري چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، ادارا اسان جا آهن، ملڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،اڄ تحريڪ انصاف کان عليحدگي جو اعلان ڪريان ٿو.ٻئي طرف صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي هو ڪجهه ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو