صدر ۽ وزيراعظم سميت عالمي اڳواڻن ٽرمپ تي حملي جي مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر تي حملي جو ٻڌي کيس تمام گهڻو صدمو پهتو آهي.سياست ۾ تشدد جي ڪا به جاءِ ناهي، هن ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو جڏهن ته حملي ۾ انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو به اظهار ڪيو.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف به اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي عمل ۾ ڪنهن به قسم جو تشدد قابل مذمت آهي، اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون هن ڏکئي وقت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن.ٻئي طرف عالمي اڳواڻن به ڊونلڊ ٽرمپ سان پيش آيل واقعي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر، جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بورل پڻ هر قسم جي سياسي تشدد جي سخت مذمت ڪئي.جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا ۽ اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو پڻ ٽرمپ جي سلامتي ۽ صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو