اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي سيڪريٽري وقار احمد جون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون.صدر سيڪريٽريٽ ان حوالي سان وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.صدر هائوس کان وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪليل خط ۾ لکيو ويو آهي ته وقار احمد جون خدمتون هاڻي گهربل ناهن، سندس خدمتون واپس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻيون وڃن.خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 22 هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد کي صدر جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي.
