صدر سان پي ٽي آءِ وفد جي ملاقات، خان جو پيغام پهچايو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن ۽ عمير نيازي صدر سان ملاقات ڪئي، عمران خان پارٽي کي صدر سان رابطو ڪرڻ جو چيو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وفد صدر کي ٻين پارٽين سان ڳالهين جو مشورو ڏنو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمير نيازي کي جيل ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ چيئرمين هدايتون ڏنيون هيون، عليما خان ۽ پارٽي وڪيلن پي ٽي آءِ صدر ۽ چيئرمين جي ناراضگي بابت ٻڌايو.ذريعن موجب چيئرمين پي ٽي آءِ صدر کي چونڊن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو پيغام موڪليو.

پهنجو تبصرو موڪليو