صحافي مشتاق سرڪي ايئرپورٽ تان گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحافي مشتاق سرڪي کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي. هو فيملي سان گڏ آمريڪا وڃڻ لاءِ پوليس پروٽوڪول ۾ ڪراچي هوائي اڏي تي پهتو ته سندس نالو اسٽاپ لسٽ ۾ هجڻ ڪري کيس حراست ۾ ورتو ويو. سندس گرفتاري جي تصديق هنجي ڀاءُ اسحاق سرڪي پڻ ڪئي آهي. ايف آءِ اي وارن جو چوڻ آهي ته مشتاق سرڪي خلاف 17/413 ڪيس نمبر شاهراهه فيصل پوليس اسٽيشن تي داخل آهي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو