16 فيبروري آچر جي ڏهاڙي محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ جو لاش ڳوڌو شاخ مان مليو هو ان ڏينهن کان وٺي پورو هڪ مهينو سندس قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌ جي هر شھر جي صحافين سان گڏوگڏ ملڪ جي ٻين شھرن جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل آھن ۽ شروع وارن ڏينهن ۾ ئي سڀني صحافين ۽ ٻين مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙن باشعور ماڻھن کان ويندي شھيد جي وارثن پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن ڪونه هيا ۽ هرهڪ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا هيا ته نوشھروفيروز جو ايس پي ڊاڪٽر فاروق ۽ سندس ٽيم شھيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ بلڪل به سنجيده ڪونه آھن يا ڪنهن جي چوڻ تي شھيد جا قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن ان دوران کوڙ سارا قصا ڪهاڻيون به هليون ته شھيد عزيز ميمڻ بلاول ڀٽو جي ڪيل ٽرين مارچ دوران اتي پئسا ڏئي آندل ماين تي هڪ خبر ٺاهي بريڪ ڪئي هئي ان جي ڪري سندس تي انهن ڌرين جي ڪاوڙ هئي جنهن جي ڪري شھيد عزيز ميمڻ اسلام آباد تائين ويو هيو ته مون کي انهن بااثر ماڻھن مان جان جو خطرو آھي پر نوشھروفيروز جي پوليس شھيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ۽ شھيد جو پوسٽ مارٽم ڪرائي سندس جزا روهڙي ليبارٽري موڪلي ڇڏيا اتي به شايد شھيد جا قاتل پهچي ويا ۽ ليبارٽري وارن کي پئسا يا اثر رسوخ استعمال ڪري غلط رپورٽ ڏياري جنهن کي بنياد بنائي ڊي آئي جي ولي الله دل وفاقي حڪومت جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته شھيد جو موت قدرتي موت هيو اتان کان پوءِ صحافين شھيد جي وارثن کي يقين ٿي ويو ته پوليس جانبدار آھي ۽ شھيد جو خون پوليس هٿ وٺي لوڙھي رهي آھي ۽ پوءِ صحافين ۽ شھيد جي وارثن پوليس جي ان شڪي ڪردار خلاف شديد احتجاج ڪيا ۽ وري محرابپور جي ڊاڪٽرن جي رپورٽ منظر عام تي آئي ته شھيد جو موت ساهه گهٽجڻ سبب ٿيو آھي ان کان پوءِ سنڌ حڪومت صحافين جي احتجاجن کان بعد شھيد جي موت بابت تفتيش لاء جوڙيل جي آئي ٽي مان ولي الله دل کي هٽائي اي آئي جي غلام نبي ميمڻ کي سربراه مقرر ڪيو ۽ باقي ميمبر ساڳيا ايس پي شھيد بينظير آباد تنوير تنيو ۽ ايس پي نوشھروفيروز ڊاڪٽر فاروق رکيا اڳتي هلي ان ڪاميٽي مان ايس پي نوشھروفيروز ڊاڪٽر فاروق اچانڪ ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو سندس جو اوچتو ڊگهي موڪل تي وڃڻ به هڪ وڏو سوال پيدا ڪري ٿو ته اوچتو ڇو ويو؟ڇاجي ڪري ويو؟ان کان پوءِ جي آئي ٽي جي نئين سربراه پاران شھيد عزيز جو پوسٽ مارٽم ٻيو دفعو ڪرائڻ جو خيال به صحافين ۽ سندس وارثن لاء ڏڪائيندڙ هيو پر وارث ويچارا ڇا ڪن اگر انڪار ڪن پيا ته انهن تي پوليس سڌو سنئون جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جو الزام لڳائي ها ۽ ٻيو دفعو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ مان صاف مطلب اهو ئي آھي ته پهريون پوسٽ مارٽم پوليس هٿ وٺي صحيح نه ڪرايو هو ڇا ان پوليس کي سزا نه ملڻ گهرجي جنهن صحيح پوسٽ مارٽم نه ڪرايو؟ ڇا پوليس ان ۾ ذميوار نه آھي ڇا انهن کي سزا نه ملڻ گهرجي ؟ بهرحال شھيد عزيز ميمڻ جو ٻيو دفعو پوسٽ مارٽم ڪرائي جزا ورتا ويا ۽ ٻيو دفعو لاش قبر مان ڪڍڻ جو درد شھيد جي وارثن دوستن قلم ڌڻين کي جيڪو ٿيو هوندو اهو به سڀني برداشت ڪيو آھي ته من شھيد جا قاتل گرفتار ٿين هاڻي ڇا شھيد جا قاتل گرفتار ٿيندا؟ مون کي ته نه ٿو لڳي ته پوليس شھيد عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪندي ڇوته پوليس ئي شھيد جو خون لوڙهيو آھي ۽ خون لوڙھڻ وارا ڇا وري خونين کي گرفتار ڪندا آھن ڇا؟ دنيا هن وقت تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي اهڙا ته اوزار ۽ طريقا ايجاد ٿيا آھن جو تفتيش ڪندڙ ادارا قاتلن کي پاتال مان به ڪڍي ٿا اچن پر اسان جي پوليس اهي پراڻا طريقا استعمال پئي ٿي ڪري جيڪي ڪنهن به ڪم جا نه آھن شھيد عزيز ميمڻ جا قاتل ايترا ته بااثر ايترا ته طاقتور سياسي اثر رسوخ رکندڙ لڳن ٿا جو پوليس انهن ۾ هٿ وجهڻ کان ڊگهي موڪل تي روانو ٿيڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهي ٿي انڪري اسان جو ملڪ جي وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ،چيف آف آرمي اسٽاف ،وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو آھي ته شھيد عزيز ميمڻ جنهن جي خون کي مهيني کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي ۽ پوليس ان جا قاتل گرفتار ته نه ڪري سگهي آھي الٽو شھيد جي لاش کي تڪليفون پئي ٿي ڏئي ان لاء شھيد جي خون جو ازخود نوٽيس وٺي هڪ جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي شھيد عزيز جا قاتل گرفتار ڪرائي انهن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن انصاف جو تقاضائون پوريون ٿين.
