صحافي عبدالرئوف بروھي ياد ۾ قرآن خواني،مغفرت لاءِ دعا گهري وئي

جنگشاهي (ن س) جنگشاھي پريس ڪلب جي عھديدارن پاران سماجي اڳواڻ، نامياري سينيئر صحافي ۽ جنگشاهي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر عبدالرئوف بروھي جي ياد ۾ پريس ڪلب جنگشاهي ۾ قرآن خواني ۽ مغفرت جي دعا جو اھتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي سينيئر صحافين، سماجي ۽ واپاري اڳواڻڻ پير غلام حسين شاھ، عبدالرحيم جوکيو، اويس رئوف بروھي، معيز رئوف بروھي، محمد جمن جوکيو، رانا محمد اقبال، سائين تراب علي جوکيو، پروفيسر حبيب الله پليجو، حاڪم بروھي ۽ عبدالقادر شيخ سميت ٻين شھرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم جي مغفرت جي لاء خصوصي دعائون گهريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو