صاف پاڻي ۽ صاف کاڌو هر شهري جو بنيادي حق آهي: بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته صاف پاڻي، صاف کاڌو حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي.اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل جي زير اهتمام ”موسمياتي تبديلي جا اثر انساني حقن تي“ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي، تازو ٻوڏن ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو.هن چيو ته انساني حق ۽ موسمي انصاف پ پ جو منشور آهي، اسان کي جدت ڏانهن وڌڻو آهي، مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻي آهي.هن چيو ته اسان سنڌ ۾ گهر گهر پروگرام شروع ڪيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ پناهه گيرن جي فراهمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تازين ۽ گذريل ٻوڏن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو