صادق آباد مان اغوا ٿيل خاندان 11 ڏينهن کانپوءِ گهر پهچي ويو

راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) صادق آباد مان اغوا ٿيل ڪٽنب 11 ڏينهن کانپوءِ گهر پهچي ويو.خانداني ذريعن موجب مقتول جي وارثن کي 29 آگسٽ تي صادق آباد ٿاڻي جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ٿيلن ۾ 2 عورتون، 2 نوجوان ٻار ۽ 2 مرد شامل آهن، جڏهن ته مغوي جي وارثن لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سان رابطو ڪيو.مغوي خاندان پوليس تي اغوا جو الزام مڙهيو، عدالت آر پي او راولپنڊي کي اغوا ٿيل خاندان جي بازيابي لاءِ 2 ڏينهن جي مهلت ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرڀاتين جي اغوا جو واقعو معاملي جي معاملي تي پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو