تلھار (عاجز انور لاشاري)آبادگارن ۽ مزدورن جي روزگار جو اهم ذريعو باواني شگر ملز کي انتظاميه ٻيھر بنڌ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هڪ پاسي ڪمند جا آبادگار پريشان آهن ته ٻئي پاسي مزدور به ي روزگار ٿي ويا آهن. 10 ڏينهن مل هلڻ بعد ٻيهر بند ٿيڻ خلاف پيرولاشاري جي آبادگار مير غلام رسول ٽالپر، سانوڻ لٻاري ۽ مقبول شاھ جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ مزدورن باواني شگر ملز جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ڪيترائي ڪلاڪ مين ٽنڊوباگو روڊ تي ٽريفڪ جي آمد رفت معطل رھي. آبادگارن ۽ مزدورن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مل هلائي وڃي.
