شڪارپور ۾ پوليس موبائل تي راڪيٽ حملو، 5 اهلڪار زخمي

شڪارپور (ن س )شڪارپور ۾ انڊس هاءِ وي شجر لارو وٽ پوليس موبائيل تي ڌاڙيلن راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو.پوليس موجب ڌاڙيلن جي حملي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گهوٽڪي ۾ او جي ڊي بند وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مبينا جهيڙو ٿي پيو.پوليس ترجمان موجب مقابلي بعد قومي شاهراهه تان اغوا ڪيل 4 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.بهاولنگر ۽ بوريوالا سان تعلق رکندڙ 2 شهرين کي 20 ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تان اغوا ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو