شڪارپور ۾ ملڪيتي معاملي تي ڀائرن هٿان ڀاءُ قتل،لاش بنا غسل دفنايو ويو

شڪارپور: (ن س) شڪارپور تعلقي جي رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورمحمد شجراع ۾ بي رحم ڀائرن قمرالدين، هاشم، ممتاز، مشتاق، حفيظ پهوڙ پاران پنهنجي ڀاء محمد قاسم ولد يار محمد پهوڙ تي سخت تشدد ڪري گهٽا ڏئي بي دردي سان مبينا طور قتل ڪري لاش بنا غسل جي دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي ۔ جڏهن ته رحيم آباد پوليس کي واقعي جي ڄاڻ هجڻ جي باوجود جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي. واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن بي دردي سان قتل ٿيل محمد قاسم پهوڙ جي ڀائٽي علي گل پهوڙ جو چوڻ ھوته منهنجي چاچن ۽ سوٽن منهنجي چاچي محمد قاسم پهوڙ کي ملڪيت جي معاملي تان سخت تشدد ڪري گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هيو اڄ صبح جو منهنجي چاچن ۽ سئوٽن پاران بي دردي سان گهٽا ڏئي منهنجي چاچي محمد قاسم پهوڙ کي قتل ڪري لاش بنا غسل جي دفنائي ويا آھن هوڏانهن بي دردي سان قتل ڪري لاش دفن ڪيل واري مامري جو ايس ايس پي شڪارپور عرفان علي سمون پاران نوٽيس وٺندي رحيم آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي واقعي بابت جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو