شڪارپور، سوين ماڻهن جو مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

شڪارپور (ن س) شڪارپور ۾ زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو جاري، شڪارپور زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري آهي پهوڙ، سومرا ۽ لاشاري برادرين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي واري هنڌ پهتل ڊي ايس پي خدا بخش پنهور ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون مظاهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي جا 11 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن، ايس ايس پي ملڻ لاءِ تيار ڪونھي ڌرڻي سبب پنجاب، بلوچستان توڙي شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا ٻئي پاسي شڪارپور زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي آزادي لاءِ لڳل ڌرڻي سبب صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شڪارپور نه پهچي سگهيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو