شڪارپور (ن س) چڪ جي ڪچي ۾ مهر-جتوئي تڪرار ۾ ماٺ نه اچي سگهي ،وڻن جي واڍيء تان مهر ء جتوئين وچ ۾ فائرنگ ،ايس ايس پي شڪارپور واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس طلب ڪري ورتي ،هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بچل ڀيو ٿاڻي جو ايس ايڇ او سهراب اوڍو شهيد ٿي ويو ،مهر ء جتوئي ڌرين ۾ ٻن ڏينهن کان وڻن جي واڍيء تان فائرنگ هلندڙ هئي جنهن کي ختم ڪرائڻ لاء پوليس پهتي ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي ،شهيد ايس ايڇ او جو مڙھ ايس ايس پي شڪارپور هيڊڪوارٽر آندو ويو جتان سرڪاري اعزاز سان جنازه نماز ادا ڪرڻ کان پوء ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ربن جي وانڍ ۾ دفنايو ويندو ، ايس ايس پي شڪارپور چيو ته ڪچي ۾ قادراڻي جتوئي هٿياربندن خلاف آپريشن ۾ ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو آهي پوليس جا حوصلا بلند آهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندوتفصيل موجب چڪ جي ڪچي ۾ مهر-جتوئي تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ،جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاء پهتل پوليس مٿان به هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ بچل ڀيو ٿاڻي جي ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو ،ذريعن موجب گذريل ڏينهن قادراڻي جتوئي برادريء جي ماڻهن پنهنجي زمين ۾ وڻن جي واڍي شروع ڪئي ته مهر برادريء جي ماڻهن پهچي زمين هجڻ جي دعوا ڪئي ء وڻن وڍڻ کان منع ڪيو ،جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهون هٿيار کڻي پهتا ء فائرنگ شروع ڪري ڏني ،واقعي جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي طلب ڪري ورتو جنهن بعد پوليس پهچڻ تي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي وئي ،ايس ايس پي شڪارپور پاران ٻئي ڏينهن به ڳوٺ قالو قادراڻي سميت ڇڙ وڇڙ جتوئي برادريء جي ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي ،جنهن بعد هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ بچل ڀيو ٿاڻي جو ايس ايڇ او سهراب اوڍو مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور سکر جي رينجرس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو ،شهيد جو مڙه شڪارپور هيڊڪوارٽر آڻڻ کان پوء سرڪاري اعزاز سان جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙھي خيرو تعلقي جي ڳوٺ ربن جي وانڍ ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويندو ،ايس ايس پي شڪارپور پريس رليز جاري ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته قادراڻي جتوئي برادريء جي گهرن مٿان آپريشن دوران پوليس آفيسر کي شهيد ڪيو ويو آهي ،جوابدارن کي گرفتار ڪري منتقي انجام تائين پهچايو ويندو .










