شڪارپور پوليس جو ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن، 2 يرغمالي بازياب

شڪارپور:(ن س) شڪارپور پوليس رستم ٿاڻي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران اهم ڪاميابي حاصل ڪندي ٻن يرغمالين کي بازياب ڪرائي ورتو.رپورٽ موجب ڪجھ ڏينهن اڳ رستم ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن يرغمالين عبدالغفار شاھ ۽ صدام حسين دايو کي پوليس باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي.ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته اغوا ڪار ڏوهاري يرغمالين کي رستم جي ڪچي واري علائقي مان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ اغوا ڪندڙ ڏوهاري يرغمالين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. فرار ڏوهارين جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو