شيڊول مطابق 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊ ڪرائڻ جو حڪم

شيڊول مطابق 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊ ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون شيڊول موجب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف علي نواز اعواڻ ۽ جماعت اسلامي جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، هاءِ ڪورٽ درخواستون منظور ڪري ورتيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته اسلام آباد جي آبادي وڌي وئي آهي اڳ ۾ نئين سري سان تڪبنديون ڪريو پوءِ اليڪشن ڪرايو. ان ڏس 2 ڏينهن اڳ قانونسازي به ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو