شين جا اگهه چوٽ تي، غريب عوام ڳڀي لاءِ پريشان

رتوديرو (عطاءُالله بروهي) حڪومت طرفان ڳرا ٽيڪس لڳائڻ جو بهانوبڻائي دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن عام واهپي وارين شين جا اگھ وڌائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهين. واپارين ڀاڄين، ميون، اٽي، کنڊ، گيھ، گوشت، مڇي ۽ مرچن جي اگهن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي ٽماٽا 250 بصر 90 پٽاٽا نوان 80 راڻا 50 ڀينڊيون 80 واڱڻ 60 ڪريلا 80 پالڪ 60 ساوا مرچ ساوا 160 گوبي 90 گوگڙو 40 بيھ 100 پلي چڻا 60 توريون 60 صوف 200 انگور 200 سٺا ڪيلا 50 روپيا ڊزن وڪامجڻ لڳا جڏهن ته گيھ 170 کنڊ 80 ڪڻڪ جو اٽو 55 ڳاڙها مرچ 400 چانھ جي پتي 800 دال مڱ 200 دال چڻا 160 دال مٽر 140 روپيا ٿيڻ تي غريب عوام مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي شهرين چيو ته نئين پاڪستان جي نيازي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان غريب روزانو 3 سئو کان 4 چار سئو ڪمايون ٿا جنهن ۾ اسان مسڪين جي پورت ئي نٿي پوي ويلو ويهون ٿا ته ويلو کائون ٿا مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته ته خدا جي واسطي غريبن مسڪينن تي رحم ڪري مھانگائي گهٽائي وڃي. ٻئي پاسي واپارين چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ڇو ته حڪومت غريب عوام کي رليف ڏيڻ بدران بلا جواز ٽيڪس مڙهيا آهن جنهن جي ڪري مھانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو