شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري،جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب پاران شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.شوڪاز نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي هدايتن باوجود توهان جي غير ذميواراڻي بيانن پارٽي جي مفادن کي نقصان پهچايو.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي بيان سان پارٽي ميمبرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جا لاڳاپا خراب ٿيا، توهان ٽن ڏينهن ۾ جواب ڏيو نه ته ڪارروائي ڪئي ويندي.شوڪاز نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان جو جواب تسلي بخش نه آهي ته پارٽي توهان جي خلاف ڪارروائي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو