شيخوپوره ۾ بس کي ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 50 زخمي

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ هاءِ وي تي بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثو موٽر وي تي خانقاه ڊوگران انٽرچينج ويجهو پيش آيو.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.حادثي جو شڪار مسافر حافظ آباد کان مريم آباد وڃي رهيا هئا ته هو مسيحي برادري جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا هئا.ريسڪيو عملدارن موجب حادثو تيز رفتاري ۽ اوور لوڊ ٿيڻ سبب پيش آيو، حادثي بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.پنجاب جي نگران وڏي وزير بس حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو