پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف چيو آهي ته شيخوپوره جي فلاپ شو نواز شريف جي مقبوليت جو پول کولي ڇڏيو. مريم نواز جي شيخوپوره واري جلسي تي رد عمل ڏيندي بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته مريم بي بي مستقبل ۾ تنگ گهٽين ۾ جلسا ڪندي، سندس والد 4 سالن کان عدالتن مان ڀڄي ويو هو، پاڪستان ۾ انقلاب جون خالي دعوائون ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته مريم جو والد اقتدار لاءِ هر روز پنهنجو بيانيه تبديل ڪري رهيو آهي، نواز شريف جي استقبال لاءِ ماڻهن کي موٽرسائيڪلون ڏنيون پيون وڃن، ميان صاحب لنڊن مان عوام جي لُٽيل دولت پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته مريم جي چاچي پنهنجي پبلسٽي تي 10 ارب رپيا هڙپ ڪيا، مريم جي والد جو لاهور ۾ جيل جا قيدي استقبال ڪندا، سندس والد کي گارڊن بدران هٿڪڙيون لڳنديون. پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو آهي ته مريم جو پيءُ سيٽ واپسي جي تصديق ڪري، ٻي صورت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل مان نڪرڻ جي صورت ۾ فرار ٿيڻ جي اڏام نه ملندي.
