شوبز ۾ شاديون اڪثر ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ سبب ٽٽن ٿيون

شوبز ۾ شاديون اڪثر ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ سبب ٽٽن ٿيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا صنم ماروي چيو آهي ته شوبز ۾ ڪثر ساديون ڪوڙ ڳالهائڻ سبب ٽٽي وڃن ٿيون. اهڙو اظهار هن لاهور جي فيملي ڪورٽ جي جج ثنا افضل واهله جي عدالت ۾ پنهجي مڙس حامد خان کان خلع حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل بيان م ڪيو آهي. صنم ماروي پهرين شادي آفتاب ڦرڙو سان ڪئي هئي. جيڪو  سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو اسٽاف آفيسر به هو. جنهن کي 2009 ۾ قتل ڪيو ويو هو. جنهن بعد هن حامد خان سان ٻئي شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس 3 ٻار آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته سندس مڙس مٿس تشدد ڪندو آهي ۽ گار گند به ڪندو رهي ٿو. ٻارن خاطر برداشت ڪندي رهيس پر هاڻي معاملو حد کان وڌي ويو آهي. سندس مڙس عدالت ۾ 7 صفحن تي ٻڌل بيان لکت ۾ جمع ڪرايو هو جنهن ۾ هن الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته هو ٻارن ۽ گهرواري کي خرچ پورو ڏيندو آهي. ياد رهي ته صنم ماروي کي شهرت ڪوڪ اسٽوڊيو مان ملي. گذريل سال هن جا ڳايل 2 ڪلام عابده پروين جي ڪاپي رائٽ ڪليم بعد ڪوڪ اسٽوڊيو هٽائي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو