شهر ۾ غير قانوني گئس سلينڊر ۽ پيٽرول جا دڪان سيل ڪيا وڃن

شهر ۾ غير قانوني گئس سلينڊر ۽ پيٽرول جا دڪان سيل ڪيا وڃن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته شهر ۾ غير قانوني گئس سلينڊر ۽ پيٽرول جا دڪان سيل ڪيا وڃن.گورنر سنڌ شاهه فيصل ڪالوني ۾ باهه متاثر عمارت ۽ دڪانن جو دورو ڪيو.ان موقعي تي گورنر سنڌ واقعي بابت آءِ جي ۽ ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي.هن هدايت ڪئي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.واضح رهي ته ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني نمبر 3 ۾ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو هو.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته دڪان ۾ ميني پيٽرول پمپ هو، باهه ڀرسان موجود دڪانن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باهه لڳڻ سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون به سڙي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو