ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.حادثو نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل ۾ هڪ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجي ويو. فوت ٿيل جي سڃاڻپ وليد جي نالي سان ٿي آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي جي وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.










