ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) واٽر ڪارپوريشن شهرين کي بنا ڪنهن وقفي پاڻي جي فراهمي ۽ ان جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن سياست، مذهب، قوم، ذات پات ۽ نسل جي بنا ڪنھن فرق سمورن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته پاڻي جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي ان ڪري اسين شهر ۾ پاڻي سياسي بنيادن تي نه پر عوامي بنيادن تي فراهم ڪندي ان جي منصفاڻي ورڇ ڪري رھيا آھيون، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران جماعت اسلامي جي مختلف ٽائون چيئرمينن ۽ پي ٽي آءِ جي مختلف يو سي چيئرمينن سان ڪيل ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيف انجنيئر واٽر محمد حنيف بلوچ ، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو، چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو، ايس اي سيد اعجاز احمد ۽ ايس اي غلام مصطفيٰ مڱڻ موجود هئا، سي او او واٽر ڪارپوريشن وفد کي سمورن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو ته سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
