شهباز شريف پاران حنا پرويز سان ٿيل واقعي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف لنڊن ۾ اڳوڻي ايم پي اي حنا پرويز بٽ سان بدسلوڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ (ن) جي عورت اڳواڻ کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مسلسل ڪوڙ ۽ ڪوڙي خبرن ذريعي پنهنجي پيروڪارن جي برين واش ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اهڙن ڪردارن سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي بدنامي ٿي رهي آهي، اهڙن واقعن جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ڪا جاءِ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو