شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو  آهي ته شهباز شريف نواز شريف جي پرڏيهه مان واپس اچڻ جو ضمانتي آهي، ڪابينا جي ٽه رڪني ڪميٽي نيب جي درخواست تي اتفاق راءِ سان سفارش ڪئي آهي ته سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ يعني اِي سي ايل ۾ داخل ڪيو وڃي. اهڙو اعلان هن شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته شهباز شريف کي حق آهي ته هو ٻن هفتن ۾ نظر ثاني جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو جنهن تي حڪومت 3 مهينن ۾ فيصلو ڪنداسين. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي جيڪڏهن ٻاهر وڃي ها ته ڪيس التويٰ جو شڪار ٿين ها. هن چيو ته حديبيه پيپر ملز سڀني ڪيسن جي ماءُ آهي، ان ۾ هو آزاد ناهن ٿيا فني بنياد تي ختم ڪيو ويو هو. هن چيو ته 90 جي ڏهائي ۾ شريف خاندان وڏي ڪرپشن ڪئي ڪروڙين روپيا ڪمايا. اسحاق ڊار 164 جو ميجسٽريٽ آڏو هٿ سان لکيل بيان ڏنو آهي. شيخ رشيد چيو ته شهباز ملڪ ڇڏڻ ئي حديبيه پيپر ملز جي ڪيس سبب پئي چاهيو. شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي جا 2500 کان مٿي ڪارڪن آزاد ٿي ويا آهن 250 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن تي ڪيس آهن جيڪي عدالتن مان آزاد ٿيندا. هن چيو ته عمران خان سعودي عرب ۾ وڏا فيصلا ڪيا آهن عيد کانپوءِ اهي سامهون ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته سعودي عرب مان منشيات ۾ سزا کاڌل قيدي واپس نه ايندا باقي ننڍن ڏوهن وارن ڪيسن ۾ ڏنڊ ادا ڪري سوين قيدي آزاد ٿي ويندا ان لاءِ هڪ ارب روپيا گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو