شهباز شريف جو بلاول کي فون، پي ڊي ايم ۾ اچڻ جي دعوت

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪري عيد جي مبارڪ ڏني. ٻنهي هڪٻئي کي عيد واڌايون ڏيندي هڪبئي جي خيريت معلوم ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عيد بعد ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ميان شهباز شريف بلاول کي پي ڊي ايم ۾ سرگرم ٿيڻ جي دعوت ڏني. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميان نواز شريف لنڊن مان فون ڪري مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي چيو هو ته هو عيد کان فور بعد پي ڊي ايم جو اجلاس گهرايو ، هن کين اهو به چيو هو ته پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان رابطو ڪري کين اتحاد ۾ گڏ کڻي هلو.

پهنجو تبصرو موڪليو